تازه ترين

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ مخالف اتحاد جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ مخالف اتحاد جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

حيدرآباد ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم، ايڊووڪيٽ چوڌري ظفرالله ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن آئين جي روح موجب صاف ۽ شفاف ٿيڻ گھرجي.

 ھن چيو ته جي ڊي اي سنڌ ۾ ھڪ مضبوط سياسي اتحاد آھي، جنھن ۾ ٻين قومپرست، سياسي ۽ مذھبي جماعتن کي شامل ڪيو ويندو.

سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي وچ ۾ پ پ خلاف گڏيل اليڪشن اتحاد کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آھي ۽ هو سمجھن ٿا ته پ پ سنڌ لاءِ ناسور بڻجي وئي آھي.

ھن چيو ته جي ڊي اي 2018ع جي اليڪشن ۾ سنڌ اندر وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا ۽ نتيجا تبديل ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ 14 سيٽون کٽيون.

سندس چوڻ هو ته پ پ مخالف سمورين سياسي جماعتن سان اتحاد بابت ڳالھيون ٿي سگھن ٿيون، تحريڪ انصاف جڏھن سنڌ ۾ سياسي ميدان تي ايندي ته ان سان اتحاد ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

جي ڊي اي اڳواڻ سردار عبدالرحيم چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ هو پيپلزپارٽي کي اڪيلو ڪري ڇڏيندا، ٻيھر پ پ جي سليڪشن ٿيڻ نه ڏيندا. هن چيو ته هو جمھوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکن ٿا، جيڪڏھن ڪنھن به پارٽي سان ڪا زيادتي ٿي آھي ته اھا عدالت وڃي سگھي ٿي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون