گلاب لغاري ڀرسان مبينا طور زهريلو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو.
ڳوٺ يوسف شاهاڻي واسي خانو پٽ ڀليو ڪولهي جي حالت خراب ٿيڻ ۽ سندس اکين جي نظر گم ٿي وڃڻ سبب کيس ماتلي جي تعلقه اسپتال کڻائي پئي ويا ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
خانو ڪولهي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 5 ٿي ويو ٻين فوتين ۾ ھريش ڪمار، کيمچند ميگهواڙ، فقيرو ۽ نانگجي بجاڻو شامل آهن.
ٿاڻي تي واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.
خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اڃان به ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت خراب آهي جن کي وارثن پاران ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.
ايس ايڇ او گلاب لغاري ٻڌايو ته وارثن کي چيو آهي ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪلين ته جئين موت جو سبب معلوم ٿي سگهي.
هن چيو ته فوتين جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي نه آيا آهن، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.
هوڏانهن علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته زهريلو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.