گمبٽ ۾ نئين ديري واسي واپارين بااثر پير سيد مرتضي شاهه خلاف احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙ گدا شيخ، نثار ميراڻي ۽ ٻين چيو ته 2019ع ۾ مرتضيٰ شاهه کان نئوديرو ۾ پلاٽ ورتو هو، رقم ادا ڪرڻ باوجود کين پلاٽ جو کاتو نه ڏئي رهيو آهي.
هنن چيو ته پلاٽ جو کاتو گهرڻ تان پير مرتضيٰ شاهه ڌمڪيون ڏنيون آهن، کين جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي. احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ پير مرتضيٰ شاهه ۽ بين کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏيندا.