تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن، ايجنسين، صوبائي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران گهرو کاتي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته ڪيترن ئي گم ٿيل شهرين جا گهرڀاتي عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا.

جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته هڪ سياسي تنظيم جو ڪارڪن قاضي اعجاز الدين سرجاني ٽائون واري علائقي مان گم آهي، شهري جي گهرواري ٻڌايو آهي ته سندس مڙس هڪ سياسي تنظيم جو ميمبر هو.

جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شهري اسٽيٽ ايجنسي جو ڪم به ڪندو هو، شهري جي دوستن جو چوڻ هو ته شهري تمام گهڻو قرض ورتو هو، جنهن سبب هو پاڻ گم آهي.

جاچ آفيسر چيو ته بلال ڪالوني ٿاڻي جي حد مان شهري جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، لياقت آباد واري علائقي مان صابر، ناظم آباد مان عزيز الحسن ۽ ٻيا شهري مختلف علائقن مان گم آهن.

عدالت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن، ايجنسين، صوبائي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون