سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل نينگري سميت چئن ڄڻن جي بازيابي بابت ڊسمبر جي ٻي هفتي تائين پوليس، گهرو وزارت ۽ وفاقي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نينگري زينب سميت چئن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته نينگري زينب جي ماءُ جڏهن ڪم تان واپس گهر آئي ته سندس ڌيءَ غائب هئي.
سندس چوڻ هو ته نينگري جن نمبرن تان رابطو ڪيو انهن جي تصديق ڪئي پئي وڃي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گم ٿيل يوسف ۽ وقاص جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، کين جلد بازياب ڪرايو ويندو.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جو خيال رکڻ رياست جي ذميواري آهي، جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جي اجلاسن باوجود گم ٿيل ماڻهن جو پتو ناهي پيو.
جسٽس نعم الله ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ جديد طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن.
عدالت پوليس، گهرو کاتي ۽ وفاقي حڪومت کان ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جي لسٽ به طلب ڪري ورتي.
پراسيڪيوٽر چيو عدالت کان گم ٿيلن جي بازيابي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو.