سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي نينگري سميت ڇهن شهرين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس، گهروکاتي ۽ ٻين ادارن کان 14 نومبر تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران سنڌ پوليس 6 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شهري رفاقت علي، ذوالفقار علي، گل حسين ۽ زاهد حسين شاهراهه فيصل پوليس کي گهربل هئا چارئي شهري مختلف ڪيسن ۾ جيل ۾ آهن.
پوليس رپورٽ موجب، شهري فيصل عباس ۽ اياز مختلف ڪيس ۾ سچل پوليس کي گهربل هئا ٻئي شهري مختلف ڪيسن ۾ جيل ۾ آهن.
عدالت پوليس رپورٽ بعد شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون.
عدالت شهري سبحان جتوئي، نينگري عليشا، سليم الرحمان، نعمت الله، صوفي شاهه عنايت ۽ سهيل احمد کي فوري بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پوليس، گهروکاتي ۽ ٻين ادارن کان 14 نومبر تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.