تازه ترين

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ،پوليس 6 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي نينگري سميت ڇهن شهرين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس، گهروکاتي ۽ ٻين ادارن کان 14 نومبر تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران سنڌ پوليس 6 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شهري رفاقت علي، ذوالفقار علي، گل حسين ۽ زاهد حسين شاهراهه فيصل پوليس کي گهربل هئا چارئي شهري مختلف ڪيسن ۾ جيل ۾ آهن. پوليس رپورٽ موجب، شهري فيصل عباس ۽ اياز مختلف ڪيس ۾ سچل پوليس کي گهربل هئا ٻئي شهري مختلف ڪيسن ۾ جيل ۾ آهن. عدالت پوليس رپورٽ بعد شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون. عدالت شهري سبحان جتوئي، نينگري عليشا، سليم الرحمان، نعمت الله، صوفي شاهه عنايت ۽ سهيل احمد کي فوري بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پوليس، گهروکاتي ۽ ٻين ادارن کان 14 نومبر تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون