تازه ترين

گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي مان پوليس پڪٽ تان اغوا ٿيل اهلڪار بازياب

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

گھوٽڪي جي ڪچي مان ٻه ڏينهن او پوليس پڪٽ تان اغوا ٿيل اهلڪار بازياب ٿي ويو، پوليس اهلڪار کي مقابلي کانپوءِ بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڪچي ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، ڏوهارين پنهنجو گهيرو تنگ ڏسي اهلڪارخالد حسين ڪورائي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.

پوليس موجب، بازياب ٿيل اهلڪار خالد ڪورائي کي ڪچو ٻنڊي ٿاڻي تي آندو ويو جتي قانوني ڪارروائي کانپوءِ کيس وارثن حوالي ڪيو ويندو.

پوليس موجب، فرار ٿيل هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪرڻ کانپوءِ ڪچي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو ڪامياب ڪارروائي تي ڊي ايس پي گھوٽڪي، ڊي ايس پي ڪچو ٻنڊي، ايس ايڇ او اوٻاوڙو ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

واضع رهي ته بازياب ٿيل پوليس اهلڪار کي جاگيراڻي ٽولي جي هٿياربندن 15 آگسٽ تي اغوا ڪيو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
34 %
1.4kmh
22 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون