- Advertisement -
گهوٽڪي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن گوليون هڻي سردار زاده عبدالرحمٰن خان بگٽي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ سندس گارڊ زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
