گهوٽڪي ۾ تعليمي ماهر امان الله سانگي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي جوابدارن سريا کيس زخمي ڪري ڇڏيو.
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل جوابدارن امان الله سانگي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن لوهي سريا هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي پاسي امان الله سانگي کي اغوا ڪرڻ خلاف وارثن پاران اي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
مظاهرين جو چوڻ هو ته امان الله سانگي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري وائکو ڪيو وڃي…….
