تازه ترين

گهوٽڪي ۾ شٽر بند هڙتال

گهوٽڪي جي علائقي قادرپور ۾ بدامني ۽ هندو واپاري انيل ڪمار جي دڪان تي فائرنگ واري واقعي خلاف شٽر بند هڙتال ڪري شهرين پاران  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته ايڊووڪيٽ واحد بخش، ڄام ابوبڪر ڀٽو، شاهنواز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قادر پور چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدامني سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن.

هنن چيو ته ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي واپاري انيل ڪمار جي دڪان تي فائرنگ ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي شهرين کي تحفظ فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون