سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته الله تعاليٰ کين قائداعظم محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي، هو اڄ شرمنده آهن ڇو ته هن ملڪ ۾ 9 مئي جهڙا واقعا ٿيا، هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻن جون ڳالهيون ۽ ورتاءَ نا مناسب آهي، الله هن ملڪ جي ليڊرشپ کي طاقت ڏني ته هو سياسي ۽ معاشي ڏکيائين جو مقابلو ڪن، هو ڪشميرين سان گڏ آهن، فلسطين ۾ اسرائيلي بربريت جاري آهي جنهن جي مذمت ڪن ٿا، عالم اسلام متحد هئڻ گهرجي، عالم اسلام مسلمان مخالف طاقتن جو مقابلو ڪري پنهنجي ذاتي رنجشن کي پٺتي رکي ملڪي مسئلن کي حل ڪري.
قوم جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 76هين ورسي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا ميمبرن سميت مزار قائد تي حاضري ڀري.
سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير قوم جي باني جي آخري آرامگاهه تي گل رکي فاتحه خواني ڪري مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
ان موقعي تي سنڌ جو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر به موجود هئا.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعاليٰ کين قائداعظم محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي، هو اڄ شرمنده آهن ڇو ته هن ملڪ ۾ 9 مئي جهڙا واقعا ٿيا، هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻن جون ڳالهيون ۽ ورتاءَ نامناسب آهي.
سندس چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ پرڏيهي طاقتن جو موقف وڪرو ٿي رهيو آهي، خريدار خريد ڪري رهيا آهن، اڄ ملڪ کي معاشي طور ڪمزور ڪيو پيو وڃي، جيڪو موقف هو جلسن ۾ ڏئي رهيا آهن ان جو معيشيت تي فرق پوندو.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته ايندڙ مهيني ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان اچڻ جو ارادو رکي ٿو، چائنه جي وزيراعظم به پاڪستان دوري تي اچي رهيو آهي، دورن کان اڳ ملڪ ۾ اهڙي طرح جي سياسي صورتحال بڻائي پئي وڃي ڪجهه ماڻهو ٻيهر دشمن جو موقف وڪرو ڪري رهيا آهن، هاڻي قوم کي ڏسڻو ۽ سوچڻو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کين پيارو ملڪ پاڪستان ڏنو، هو قائد جي وزيرن تي عمل ڪندا، الله هن ملڪ جي ليڊرشپ کي طاقت ڏني ته هو سياسي ۽ معاشي ڏکيائين جو مقابلو ڪن.
سندس چوڻ هو ته قائداعظم برطانيا جي حڪومت کان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جو مطالبو مڃرايو، اڄ دهشتگردي خلاف سڀني کي هڪ جان ٿي ڪري هن ملڪ جي حفاظت ڪرڻي پوندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو ڪشميرين سان گڏ آهن، فلسطين ۾ اسرائيلي بربريت جاري آهي جنهن جي مذمت ڪن ٿا، عالم اسلام متحد هئڻ گهرجي، عالم اسلام مسلمان مخالف طاقتن جو مقابلو ڪري پنهنجي ذاتي رنجشن کي پٺتي رکي ملڪي مسئلن کي حل ڪري.