گولاڙچي ۾ رڪشو ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن
ڪڙيو گهنور روڊ تي رڪشو ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو عيدو عرف عبدالقادر شيخ فوت ٿي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.