- Advertisement -
گڊو وٽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن اندر پاڻي سطح ۾ 50 هزار ڪيوسڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
گڊو بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر ۽ ڊزرٽ پٽ فيڊر کي پاڻي جي فراهمي بند ڪئي آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 2 لک 28 هزار 81 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 2 لک 26 هزار 81 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
