تازه ترين

گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو

- Advertisement -
گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو. اماراتي شاهي مهمان جي آجيان لاءِ اسلام آباد ۾ تياريون جاري آهن، يو اَي اِي جو صدر پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقات ڪندو، ٻطرفي معاملن ۽ پاڪ-يو اَي اِي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، يو اي اي جي صدر جو دورو ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. يو اي اي جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان اسلام آباد ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، پاڪستان سيڪريٽريٽ ۽ اسلام آباد جي حدن اندر قائم سڀئي وفاقي ادارا بند رهندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پڻ اڄ بند رهندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڻ اڄ موڪل جو اعلان ڪيو آهي، رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نوٽيفڪيشن موجب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد ضلعي عدالتون 26 ڊسمبر تي بند رهنديون. وفاقي آئيني عدالت جي رجسٽرار پڻ اڄ جي ڪاز لسٽ کي ڪينسل ڪندي سرڪاري موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اسلام آباد جون اسپتالون، بينڪون، ضروري خدمتن جون آفيسون، ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، سي ڊي اَي آفيسون، اسلام آباد انتظاميا، پوليس، آئيسڪو ۽ سُئي ناردرن گئس آفيسون اڄ کليل رهنديون….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
41 %
2.4kmh
4 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون