تازه ترين

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزا ۾ بنا دير جنگبندي جو ٺهراءُ منظور

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزا ۾ بنا دير جنگبندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته عرب گروپ طرفان  گڏيل قومن جي هنگامي اجلاس ۾  اردن ٺهراءُ پيش ڪيو.

ٺهراءَ جي 120 ميمبر ملڪن حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا، اسرائيل، آسٽريليا، ڪروشيا، جمهوريه چيڪ ۽ هنگري سميت 14 ميمبرن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.

عرب ميڊيا موجب، ڪينيڊا، جرمني، برطانيا سميت 45 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڏوهه ڪري رهيو آهي جنهن ڪري بنا دير جنگبندي ڪئي وڃي.

ٻئي پاسي گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني نمائندي منير اڪرم خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، هو فلسطين ۾ اسرائيلي حارحيت جي مذمت ڪن ٿا.

منير اڪرمجو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل فلسطينين جا حق پامال ڪري رهيو آهي، حملا فوري طور تي بند ڪيا وڃن، ميمبر ملڪن کي فلسطيني شهرين جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو……

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون