تازه ترين

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگبندي بابت آمريڪي تجويزن جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگبندي بابت آمريڪي تجويزن جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 14 ميمبرن آمريڪي تجويزن جي حمايت ۾ پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

واضح رهي ته غزه ۾ جنگبندي بابت تجويزون هڪ هفتو اڳ آمريڪي صدر جوبائيڊن پيش ڪيون هيون، ٺهراءَ کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سلامتي ڪائونسل ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ 6 ڏينهن تائين بحث ڪيو ويو هو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل آمريڪا پاران پيش ڪيل انهن تجويزن کي قبول ڪري ورتو آهي.

آمريڪي قرارداد ۾ ٻنهي ڌرين کي فوري طور تي ڳالهين جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ان دوران جنگ بندي تي سختي سان عمل ڪيو ويندو.

حماس اڃا تائين انهن تجويزن کي قبول نه ڪيو آهي، پر غزه جنگبندي تي گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي.

ڪجهه مهينا اڳ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل مطالبو ڪيو هو ته اسرائيل غزه تي بمباري بند ڪري ۽ فوري طور تي حماس جي يرغمالين کي آزاد ڪري.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33 ° C
33 °
33 °
26 %
1.9kmh
45 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون