گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل باجوڙ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هرقسم جي دهشتگردي کي عالمي امن لاءِ خطرو قرار ڏني آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ باجوڙ ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.
سلامتي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورن ڪردارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.
سلامتي ڪائونسل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ميمبر ملڪ ذميدارن کي انجام تائين پهچائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪن، دهشتگردي جي ڪا به ڪارروائي بنا جواز ۽ مذمت جوڳي آهي.
سلامتي ڪائونسل موجب دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون.