گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستاني سياستدانن کي ووٽن جي ڳڻپ دوران پرسڪون ۽ صبر ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
سرڪاري خبرن ايجنسي ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان موجب سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چونڊن جي موقعي تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ موبائل سروس بند ڪرڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
گڏيل قومن جي سربراهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو پاڪستاني چونڊن کي ويجهي کان مانيٽر ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پراميد آهن.
سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سمورن سياسي اڳواڻن کي صلاح ڏني ته هو ووٽن جي ڳڻپ ۽ حتمي اعلان ٿيڻ تائين پرامن رهن ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي به صبر ڪرڻ جي هدايت ڪن ۽ ڪنهن به اهڙي عمل کان پاسو ڪن جيڪو تشدد کي هوا ڏئي..