ڳالهين جو اصول واضح آهي جيڪو رياست  خلاف بيهندو ان  سان ڳالهيون نه  ٿينديون : اسحاق ڊار

- Advertisement -
ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار  چيو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ڳالهين جو اصول واضح آهي جيڪو رياست  خلاف بيهندو ان  سان ڳالهيون نه  ٿينديون. هن چيو ته ڳالهين ۽ مفاهمت تي سندس  پختو يقين آهي، هن ئي پارليامينٽ آڏو  126 ڏينهن واري ڌرڻي کي ڳالهين ذريعي اٿاريو. ڊپٽي وزيراعظم چيو ته سياست ۾ مفاهمت ۽ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، 9 مئي سانحه  رياست خلاف بيهڻ هو، جي ايڇ ڪيو، جناح هائوس ۽ ٿاڪن تي حملا ڪرڻ تي ڪا به معافي نه ٿي ڏئي سگهجي. اسحاق ڊار چيو ته  فارميشن ڪمانڊرز  ميٽنگ ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو ويو، اهو هر پاڪستانيءَ جو موقف آهي، 9 مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن لاءِ رعايت مناسب ناهي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم 4 کان 8 جون تائين چين جو دورو ڪندو، ان دوري ذريعي سٺيون خبرون اينديون، سي پيڪ ۽ سڪيورٽي بابت معاملا موجودد آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون