- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڳالهين کانپوءِ اسرائيل غزه مان نڪرڻ جي شروعاتي لائين تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي بيان جاري ڪندي ٻڌايو ته ڳالهين کانپوءِ اسرائيل غزه مان نڪرڻ جي شروعاتي لائين تي رضامندي ڪري ڇڏي آهي، ان بابت حماس کي آگاهه ڪيو آهي.
ٽرمپ چيو ته حماس جي تصديق کانپوءِ جنگ بندي فوري طور تي موثر ٿي ويندي ۽ يرغمالين ۽ قيدين جي مٽاسٽا جو سلسلو شروع ٿي ويندو.
ان کان اڳ ٽرمپ حماس کي وارننگ ڏيندي چيو هو ته حماس تيزي ڏيکاري ٻي صورت ۾ سموريون شرطون ختم ٿي وينديون.
واضع رهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو 20 نڪاتي غزه امن منصوبو گھڻي حد تائين قبول ڪري ورتو آهي……..- Advertisement -
