ڳجهن ادارن کي ڪال ٽريس ۽ رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ملي وئي، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري ذريعي ڪال ٽريس ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڳجهي ايجنسي جي نامزد آفيسر کي ڪال ٽريس ڪرڻ ۽ مداخلت جو اختيار هوندو، گريڊ 18 کان گهٽ جي آفيسرن کي ڪال رڪارڊ ۽ ٽريس ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
سمري موجب فيصلو قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڪنهن ڏوهه جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
ڪابينا طرفان نامزدگي جو اختيار پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن ايڪٽ 1996ع جي سيڪشن 54 تحت ڏنو ويو آهي.