سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي.
چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.
ٻڌڻي دروان سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته آرٽيڪل 218 تحت ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري شفاف طريقي سان پوري ڪئي آهي يا نه؟.
هن چيو ته مان دليلن ذريعي ثابت ڪندس ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ حصو نه ورتو ۽ نه ئي وري مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع ڪرائي، بي اي پي 2018ع جي چونڊن ۾ ڪنهن به سيٽ تي ڪاميابي حاصل نه ڪئي پر 3 مخصوص سيٽون مليون.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته سياسي ۽ پارلياماني پارٽيءَ ۾ فرق هوندو آهي.
فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ئي دستاويزن کي رد ڪري رهي آهي، ڇا اها بي ايماني ناهي؟.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته وساريو ڇڏيو ته اليڪشن ڪميشن ڇا چيو؟ ڇا اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين مطابق هو؟ جنهن تي وڪيل فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بلوچستان عوامي پارٽي سان لاڳاپيل قانون تي ٻڌل آهي.
جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا بلوچستان عوامي پارٽي جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو؟.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ها ته غلطي ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن اهڙو رويو اختيار ڪيو ڄڻ بلوچستان عوامي پارٽي بابت فيصلي جو وجود ئي نه هجي.
جسٽس عرفان سعادت پڇاڻو ڪيو ته ڇا بلوچستان عوامي پارٽي خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ حصو ورتو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ حصو ورتو پر سيٽ نه کٽي سگهي.
جسٽس عرفان سعادت چيو ته توهان جو ڪيس مختلف آهي، سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ حصو نه ورتو، هاڻي دليل ڏيو پر تفصيلي جواب بعد ۾ ڏيو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سياسي پارٽي ۽ پارلياماني پارٽي ۾ فرق هوندو آهي، پارليامينٽ اندر فيصلا پارلياماني پارٽي ڪندي آهي، اهڙا فيصلا سياسي پارٽي نٿي ڪري سگهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پارلياماني پارٽي سياسي پارٽي جي فيصلي کي مڃڻ جي پابند ناهي، جيئن وزيراعظم ووٽ ڏيڻ چاهي ٿو ته پارلياماني پارٽي جو پابند نه آهي.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته توهان بلڪل صحيح ٿا چئو.