ڳڙھي حسن ڀرسان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن کي ڌاڙيلن فون ڪري ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.
ڌاڙيلن مغوي صدام ڀٽي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن سان فون تي رابطو ڪري ڀنگ طلب گھري ورتو.
مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو غريب آهن، گهرڀاتين جو پيٽ نٿا پالي سگهن، ڌاڙيلن کي هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ ڪٿان ڏين.
هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي مغوي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڇي.
واضح رهي ته ڳوٺ بودلو خان ڀٽي واسي صدام ڀٽي کي گذريل ڏينھن ھٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا ھئا.