ھنگورجا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سيٺارجا لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين ۽ اهلڪارن ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري جي سڃاڻپ رفيق احمد منڱڻيجو طور تي ٿي، سندس قبضي مان قبضي مان پسٽل ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب، گرفتار ڏوھاري مٿان مختلف ٿاڻن تي ڦر، چوري ۽ ڌاڙن جا ڪيس داخل آھن جڏهن ته سندس وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي…..