تازه ترين

آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، معيشيت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي: وزيراعظم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڀاڻي آءِ ايم ايف جي بورڊ جي گڏجاڻي آهي، هنن سموريون شرطون پوريون ڪيون آهن، جيڪي گهڻيون سخت هيون.

ترڪ صدر طيب رجب اردوان سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون چين سان لاڳاپيل هيون، چين ٻيهر سندن هٿ پڪڙيو ۽ ماضيءَ جيان سهڪار ڪيو.

هن چيو ته اهي چيني قيادت، سعودي عرب ۽ يو اي اي جا ٿورائتا آهن، سندن سهڪار کانسواءِ اهو ممڪن نه هو.

وزيراعظم چيو ته گڏيل ڪوششن سان حڪومت ۽ ادارن گڏجي معاشي چئلينجز کي قبول ڪيو، ڏينهن رات محنت سان معاشي معاملن ۾ بهتري اچي رهي آهي.

ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان سان به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪ صدر جو گڏيل قومن ۾ فلسطين تي خطاب دل کي ڇهندڙ هو، جنهن انداز ۾ هن فلسطين جي مسئلي کي بيان ڪيو هال ۾ موجود سڀني کي متاثر ڪيو، ان تي ترڪ صدر کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو.

هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر اردوان چيو ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
43 %
1.9kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون