تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٿي آهي، سندن مشن مئي جي وچ تائين پاڪستان پهچندو: محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٿي آهي، سندن مشن مئي جي وچ تائين پاڪستان پهچندو، خواهش آهي ته جون جي آخر يا جولاءِ جي شروع تائين اسٽاف ليول معاهدو ٿي وڃي، ٽيڪس نظام جي بهتري سان آمدني ۾ اضافو ٿيندو. واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پروگرام جو جو ڪاٿو ۽ دورانيو ڇا هوندو؟ ان جو فيصلو بجيٽ ۾ ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته وڏن سيڙپڪارن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو اشارو ڏنو آهي، سعودي عرب پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، سعودي وفد ٻڌايو ته ڪجهه ٽرانزيڪشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي وينديون، معاشي لاڳاپن جي بحالي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ادارن کي خانگائڻ لاءِ ڪم جاري آهي، چيني مارڪيٽ تائين پهچ لاءِ به ڪوششون جاري آهن، معيشت جي بحالي جي حوالي سان هدايتون واضح آهن. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي، ٽيڪس نظام جي بهتري سان آمدني ۾ اضافو ٿيندو هو ايف بي آر سسٽم ۾ ڊجيٽلائيزيشن آڻي رهيا آهن. ٻئي پاسي امريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان جو چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ طرفان سٺيون خبرون اينديون، امريڪي عملدارن پاڪستان سان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻي واري وزير جي آمريڪا دوري بابت ڳالهائيندي مسعود خان چيو ته محمد اورنگزيب آمريڪا ۾ سعودي عرب، چين، ترڪي ۽ ٻين ملڪن جي ناڻي واري وزيرن سان به ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستان بابت روين ۾ تبديلي آئي آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون