- Advertisement -
آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين سان نئين بجيٽ ۾ امپورٽ تي پابندي گهٽائڻ، ايڪسپورٽ شعبي کي ملندڙ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ امپورٽ تي ڊيوٽيز گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف زور ڀريو ته امپورٽ تي پابنديون مرحليوار ختم ڪيون وڃن.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت امپورٽ تي لاڳو ڊيوٽين ۾ گهٽتائي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، واپار واري وزارت ٽيرف ۾ گهٽتائي واري فيصلي ۾ مقامي صنعت جي تحفظ تي زور ڀريو.
واپار واري وزارت جو چوڻ هو ته ٽيرف ۾ گهٽتائي جو فيصلو مقامي مارڪيٽ جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي ڪرڻ گهرجي.
وزارت امپورٽ تي لاڳو پابندي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي………………- Advertisement -
