آءِ ايم ايف  کان ست ارب ڊالر بيل آئوٽ پيڪيج، اڳواٽ شرط پورا ٿيڻ تي پاڪستان  بابت  بورڊ جو اجلاس گهرائڻ جو امڪان

- Advertisement -
آءِ ايم ايف  کان ست ارب ڊالر بيل آئوٽ پيڪيج، اڳواٽ شرط پورا ٿيڻ تي پاڪستان  بابت  بورڊ جو اجلاس گهرائڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف  جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 6 سيپٽمبر تائين شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ ويتنام، يوگنڊا ۽ ڊينمارڪ سميت 7 ملڪن جا ايجنڊا شامل آهي. اڳواٽ شرط پورا ٿيڻ تي پاڪستان  بابت  بورڊ جو اجلاس گهرائڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومت 2 ارب ڊالرن جي اضافي پرڏيهي فنانسنگ جي شرط جلد پوري ڪرڻ لاءِ پراميد آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب، چين، يو اي اي سان به 12 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪرائڻ  لاءِ رابطا تيز  ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب پاڪستان ڏانهن سعودي عرب جو 5 ارب ڊالر، چين جو 4 ارب ڊالر ۽ گڏيل عرب امارتن جو 3 ارب ڊالر قرض آهي. پاڪستان سعودي عرب کان اوڌر تي تيل وٺڻ جي سهولت ۽ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪمرشل بئنڪن کان قرض وٺڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول  معاهدو 12 جولاءِ تي ٿيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.8m/s
0%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون