تازه ترين

آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اسٽاف آفيسرن  جو سي پي او ۾ اجلاس

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ رفعت مختار، کاتيوار پروموشنز جي عمل ۾ تيزي آڻڻ ۽ آفيسرن جي ايف لسٽ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اسٽاف آفيسرن  جو سي پي او ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ کاتيوار معاملن ۽ قدمن جو جائزو وٺڻ بعد اسٽاف آفيسرن کي ضروري هدايتون ڏنيون ويون. اجلاس دوران 604 انسپيڪٽرن جون خالي سيٽن جي حوالي سان بريفنگ تي آءِ جي سنڌ هدايت ڏيندي پروموشنز جي عمل ۾ تيزي آڻڻ ۽ آفيسرن جي ايف لسٽ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءِ جي سنڌ رفعت مختار  جو چوڻ هو ته پوليس کاتي ۾ جاري ريڪروٽمنٽ کي جلد کان جلد يقيني بڻايو وڃي ۽ رنڊڪون فوري طور ختم ڪيون وڃن. اجلاس ۾ شريڪ اسٽاف آفيسرن کي کاتيوار سطح تي جاري مالي ۽ انتظامي معاملن سميت پوليس ملازمن جي بهتري جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو. اجلاس ۾ ڊي آءِ جيز، اسٽيبلشمينٽ، آءِ ٽي، فنانس سميت ٻين اي آءِ جيز شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
28 %
2.2kmh
54 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون