- Advertisement -
آءِ جي سنڌ رفعت مختار پاران ڪراچي ۾ ڪامرس ڪاليج پي آءِ ڊي سي جو دورو ڪري پولنگ عملي کي چونڊ سامان جي ورهاست جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي آءِ جي سنڌ رفعت مختارجو چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته سڀاڻي اليڪشن پرامن ماحول ۾ ٿئي.
سندس چوڻ هو ته ، نارمل پولنگ تي 5، حساس تي 6 ۽ انتهائي حساس تي 8 پوليس اهلڪار مقرر هوندا.
آءِ جي سنڌ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ، اڻوڻندڙ واقعو پيش اچڻ تي پنجن منٽن ۾ پوليس ۽ رينجرز پهچندي.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڏينهن پارٽين ۾ جهيڙن بابت اطلاع آهن پر پوليس جي تياري مڪمل آهي.- Advertisement -
