تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي امن امان بابت رپورٽ پيش

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان اسٽريٽ ڪرائيم تي وڌيڪ ضابطو آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ  وڌيڪ اثرائتا قدم کنيا وڃن، ان تي کيس مڪمل ڪنٽرول گهرجي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي امن امان بابت رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ آءِ جي سنڌ دعويٰ ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي چڪو آهي، وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. غلام نبي ميمڻ چيو ته جنوري ۾ روزانو اسٽريٽ ڪرائيم جا 254 ڪيس داخل ٿيا، فيبروري ۾ 252 ۽ مارچ ۾ 245 ڪيس روزانو رجسٽر ٿيا، اپريل ۾ اهو انگ 170 تائين اچي ويو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس وڌيڪ گهٽائڻ جي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائيم تي مڪمل ڪنٽرول گهرجي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کان چوريءَ جو سامان  وٺندڙ ڪٻاڙين خلاف تفصيل گهري ورتا. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ٽي هزار ڪٻاڙي ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 354 چوري جي سامان واري ڪاروبار ۾ ملوث آهن، پوليس جون 32 ٽيمون جوڙيون آهن، جيڪي چوريءَ جو سامان خريد ڪندڙ ڪٻاڙين خلاف ڪم ڪن پيون. غلام نبي ميمڻ چيو ته چوري جو سامان خريد ڪندڙ ڪٻاڙين خلاف 77 ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪيون ويون آهن، ڪيترين ئي ڪٻاڙين کان چوريءَ جو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ کي گاڏين جي چوري روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون