آذربائيجان ڪشمير ڪاز تي پاڪستان جي حمايت ڪري رهيو آهي : خواجا آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آذربائيجان ڪشمير ڪاز تي پاڪستان جي حمايت ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ويجها دوستاڻه لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ اٺين گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هو توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪندا، توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري فائديمند ٿيندي. سندس چوڻ هو ته دفاعي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ معاهدن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي. هن چيو ته بزنس ٽو بزنس لاڳاپن سان ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري وڌندي، آذربائيجان خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ گڏيل سهڪار ضروري آهي، ٻئي ملڪ اي ويزا ۽ سڌي ريت اڏامن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.7 ° C
10.7 °
10.7 °
27%
1.3m/s
7%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون