- Advertisement -
آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 10 سال گذري ويا، وحشي دهشتگردن جي حملي ۾ معصوم ٻارڙن سميت 147 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، سانحي کي ڏهه سال گذرڻ باوجود شهيد ٻارن جا وارث ۽ قوم اڄ به ڏک ۾ ورتل، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ تقريبون رٿيل ۽ شهيدن جي ياد ۾ اسلام آباد ۽ لاهور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ تعليمي ادارا بند آهن.
16 ڊسمبر 2014ع تي 6 دهشتگرد جديد هٿيارن سان ليس ۽ سرڪاري اهلڪارن جي يونيفارم ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي ڀت اورانگهي داخل ٿيا ۽ انهن شاگردن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 147 شاگرد شهيد ٿيا هئا.
سڪيورٽي فورسز فوري طور تي پهچي اي پي ايس جو گهيرو ڪيو ۽ ڊگهي ڪارروائي کانپوءِ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي 6 آپگهاتي بمبارن کي ماري ڇڏيو، ٻن اهلڪارن سميت 9 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ ملوث 6 دهشتگردن کي سڪيورٽي فورسز گرفتار ڪيو، جن کي فوجي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي.
آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو ۽ قبائلي علائقن مان دهشتگردي جو خاتمو آندو ويو.
آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي نتيجي ۾ جتي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿيو، اتي علم دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي به ختم ڪيو ويو.
سانحي کي ڏهه سال گذرڻ باوجود شهيد ٻارن جا وارث ۽ قوم اڄ به ڏک ۾ ورتل آهن.
شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ تقريبون رٿيل ۽ شهيدن جي ياد ۾ اسلام آباد ۽ لاهور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ تعليمي ادارا بند آهن.- Advertisement -
