- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا پر ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن سان دهشتگرد پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي ۾ امن امان ۽ علائقائي سلامتي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران خطي ۾ استحڪام ۽ معاشي خوشحالي لاءِ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ ايران سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي، پاڪ ايران سرحد تي گڏيل رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته دهشتگرد پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا پر ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن سان دهشتگرد پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا.
ان موقعي تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو ته هٿياربند فوجن وچ ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو.- Advertisement -
