آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ملاقات،خطي ۾ امن امان ۽ علائقائي سلامتي تي خيالن جي ڏي وٺ

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا پر ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن سان دهشتگرد پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي ۾ امن امان ۽ علائقائي سلامتي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران خطي ۾ استحڪام ۽ معاشي خوشحالي لاءِ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ ايران سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي، پاڪ ايران سرحد تي گڏيل رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا پر ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن سان دهشتگرد پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. ان موقعي تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو ته هٿياربند فوجن وچ ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
26%
0.8m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون