- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم مينر سان باڪسر عامر خان ۽ مارشل آرٽس چيمپئن شاهه زيب ملاقات ڪئي، جڏهن ته عامر خان کي هڪ ڏينهن لاءِ اعزازي ڪيپٽن جا رينڪس پڻ لڳايا ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته باڪسر عامر خان ۽ مارشل آرٽس چيمپئن شاهه زيب ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آرمي چيف راندين جي ميدان ۾ شاندار ڪاميابين کي ٻنهي جي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪئي.،
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪستان جي نوجوانن جي شاندار صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار پڻ ڪيو.
هوڏانهن باڪسر عامر خان کي پاڪ فوج هڪ ڏيهن لاءِ اعزازي رينڪس لڳايا ويا.
پاڪستان ۾ راندين لاءِ نوجوانن ۾ وڏو ٽيلينٽ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش آهي، پاڪ فوج زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙن جو سدائين حوصلو وڌايو آهي.
ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي جڳ مشهور باڪسر عامر خان کي باڪسنگ جي ميدان ۾ ڪاميابين جي اعتراف ۾ پاڪ فوج کي اعزاز ڪيپٽن جي رينڪ سان نوازيو.
هڪ تقريب دوران باڪسر عامر خان کي اعزازي ڪيپٽن جا رينڪس لڳيا ويا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي عامر خان چيو ته پاڪ فوج سدائين راندين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هي اعزاز ملڻ بعد هو فخر محسوس ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪ فوج جي وردي پهري اهو ئي جوش ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي، جهڙي عالمي چميپئن بڻجڻ تي محسوس ٿي هئي…..- Advertisement -
