- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي مسئلن سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات جي موقعي تي سعودي عرب جو بچاءَ وارو وزير شهزادو خالد بن سلمان ۽ سعودي سفير نواف المالڪي به موجود هئا.
آءِ ايس پي آر موجب سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير احمد فاروق ۽ ٻيا عهديدار به ملاقات جي موقعي تي آرمي چيف سان گڏ موجود هئا.
سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا تاريخي ۽ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ۽ پاڪستان هميشه هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.
هن پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته سعودي عرب مستقبل ۾ هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سعودي قيادت جي پاڪستان لاءِ حمايت ۽ جذبن تي سندن ٿورا مڃيا.
- Advertisement -
