تازه ترين

آرٽيڪل 63 ايَ جو فيصلو قبول پر ان جو غلط فائدو نه وٺڻ گهرجي:مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آرٽيڪل 63 ايَ جو فيصلو قبول پر ان جو غلط فائدو نه وٺڻ گهرجي، فيصلي بعد ميچ فڪسنگ نه ٿيڻ گهرجي، ايس سي او اجلاس تائين آئيني ترميمون ۽ پي ٽي آءِ طرفان احتجاج ملتوي ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، خبر ناهي حڪمران آئيني ترميمن لاءِ تڪڙ ڇو ڪري رهيا آهن،  اسرائيلي دهشتگردي جو رستو روڪڻ مسلمانن جو فرض آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته فيصلن جو غلط فائدو به ورتو ويندو آهي، 63 ايَ جي فيصلي بعد ميچ فڪسنگ نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئيني ترميم جي معاملي تي هو حڪومت سان پلس ٿيڻ لاءِ راضي ناهن، تڪڙ قبول ناهي، ارڙهين ترميم لاءِ هنن 9 مهينا سوچ ويچار ڪيو هو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايس سي او  ڪانفرنس تائين هو هڪٻئي سان اختلاف وساري ڇڏين، پي ٽي آءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس دوران احتجاج ملتوي ڪري. هن چيو ته روزانو نوان مسودا سامهون اچن ٿا، خبر ناهي آئيني ترميم لاءِ هنن کي ڪهڙي تڪڙ آهي؟ حڪومت کي اپيل آهي ته آئيني ترميم جو بل ملتوي ڪري. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت وٽ معيشت   بهتر ڪرڻ جو ڪو به پروگرام ناهي، ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسرائيل جي وحشياڻي رياستي دهشتگردي جاري آهي، غزا ۾ معصوم ٻارن جو رت پي اسرائيل جي اڃ ختم نه ٿي ته هن لبنان کي به نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي، اسرائيلي دهشتگردي جو رستو روڪڻ مسلمانن جو فرض آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلامي دنيا جي وڏين شخصيتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اولهه جون طاقتون اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
43 %
1.4kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون