- Advertisement -
اهلسنت و جماعت جي اڳواڻ پير ايوب جان سرهنديءَ چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واري واقعي کي غلط نموني پيش ڪري هندو مسلمان وڳوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسلام ۽ امن دشمني ڪئي وئي، هو ماڻهن کي پرامن رکڻ چاهن ٿا.
اھلسنت و جماعت پاران پير ايوب جان سرھندي جي اڳواڻيءَ امن مارچ جي سلسلي ۾ ريلي ميرپورخاص اسٽيشن چوڪ کان عمرڪوٽ ڏانھن رواني ٿي.
پريس ڪلب آڏو ميڊيا سان ڳالھائيندي پير ايوب جان سرھندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي واري معاملي ۾ اسلام دشمن قوتن شوشو ڇڏي حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن چيو ته واقعي کي اهڙي نموني پيش ڪيو ويو جو ان سان مسلمانن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانئجي وئي.
پير ايوب جان سرھندي چيو ته هنن انتظاميه کي چيو آھي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واري ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ڪيو وڃي.
ھن چيو ته ريلي جو مقصد ماڻھن کي پرامن رکڻ آهن، هندو برادريءَ وارا اطميان رکن، هو مسلمانن سميت ھندوئن جي جان مال عزت جا محافظ آهن.
پير ايوب جان سرھندي چيو ته ڪجھه ماڻھو افواھ پکڙن پيا ته هو پاور شو ڪري رھيا آھن پر ھن ريلي جو مقصد صرف امن مارچ آھي.- Advertisement -
