- Advertisement -
آزاد ڪشمير ۾ امڪاني حڪومت جي تبديلي جي معاملي تي مسلم ليگ نواز پنهنجو واضح موقف پيش ڪري ڇڏيو.
مسلم ليگ نواز اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ بهتر گورننس، شفافيت ۽ عوامي خدمت کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن رياست جي عوام جو اعتماد بحال ٿئي.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ پارٽي جي اهم اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال ۽ مستقبل لاءِ حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، امير مقام، شاهه غلام قادر، چوڌري طارق فاروق، مشتاق منهاس، افتخار گيلاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ نواز پارلياماني پارٽي ڪشمير ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم سياسي فيصلا ڪيا آهن.
احسن اقبال جو چوڻ هو ته موجوده آزاد ڪشمير حڪومت جي نااهلي سبب انتظامي گورننس ۽ ترقي جي عمل ۾ ڪيترائي مسئلا ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ان لاءِ آزاد ڪشمير جي عوام جي خوشحالي جي لاءِ موجوده سيٽ اپ ۾ تبديلي اڻٽر ٿي وئي آهي.
احسن اقبال واضح ڪيو ته مسلم ليگ نواز آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي کي تحريڪ عدم اعتماد ۾ ووٽ ڏيندي پر پارٽي تحريڪ جي ڪاميابي کانپوءِ حڪومت جو حصو نه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نواز آزاد ڪشمير ۾ ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي ۽ عوام جي امنگن جي ترجماني جاري رکندي.
انجنيئر امير مقام جو چوڻ هو ته مسلم ليگ نواز جو آزاد ڪشمير سان گڏ تاريخي ۽ مضبوط رشتو آهي.
سندس چوڻ هو ته ماضيءَ م مسلم ليگ نواز جي حڪومت ترقياتي منصوبن ۽ گورننس جي شعب ي۾ رڪارڊ قائم ڪي ۽ اڄ به پارٽي جو تعلق لوهه جي ڀِت جيان مضبوط آهي.- Advertisement -
