آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عبدالغني مجيد ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جوابدارن تي جعلي بينڪگ اڪائونٽ کولي ڪروڙين رپين جي غيرقانوني ٽرانزيڪشن جو الزام آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون