- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين ۽ نامزد صدر آصف علي زرداريءَ سينيٽ چيئرمين جي عهدي تي وڏو سرپرائيز ڏيندي انوارالحق ڪاڪڙ کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذميوار ذريعن سنڌ ٽي وي نيوز ٻڌايو ته پيپلزپارٽيءَ يوسف رضا گيلاني بدران نگران وزيراعظم انوالحق کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
انوار الحق ڪاڪڙ پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿي سينيٽ چيئرمين ٿيندو، کيس سينيٽ چيئرمين بڻائڻ سان وفاق جي چئني اڪائين جي نمائندگي مڪمل ٿيندي، صدر سنڌ، وزيراعظم پنجاب، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پنجاب ۽ سينيٽ چيئرمين بلوچستان جو ٿيندو.
ذريعن موجب خيبرپختونخوا مان به ڪنهن کي اهم وفاقي عهدي تي مقرر ڪيو ويندو، ان کان اڳ يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
نئين سرپرائيز فيصلي بعد يوسف رضا گيلاني سينيٽ تان استعيفيٰ ڏئي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور قسم کڻندو….- Advertisement -
