- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري کي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ لاءِ ايوان صدر ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
صدر آصف علي زرداري گارڊ آف آنر جي تقريب لاءِ روايتي انداز ۾ بگي ۾ سوار ٿي ايوان صدر آيو.
گارڊ آف آنر تقريب ۾ صدر جي اعزاز ۾ ترانو وڄايو ويو.
پاڪ فوج جي جٿن پاران ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
صدارتي آفيس جي عملي پنهنجو تعارف پڻ ڪرايو ويو.
صدر پاران پنهنجي نياڻي کي خاتون اول بڻائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
