- Advertisement -
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.
سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻيا احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت پاران جاچ آفيسر تي پيش ڪيل نامڪمل رپورٽ تان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وضاحت طلب ڪندي ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ملڪي ترقي جون ڳالهيون ڪندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ جا خواهشمند آهن.
هن چيو ته عام چونڊون هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجن، چونڊ ملتوي ٿي ته سي اي سي جي فيصلن تي عمل ڪيو ويندو،
آغا سراج دراني چيو ته ميان صاحب گهڻو ٿڪيل آهي، کيس ٽيبليٽ وٺڻ جي گهرج آهي، ڊاڪٽرن ميان صاحب کي آرام جو مشورو ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته گذريل سال جي ٻوڏ اسان کي گهڻو متاثر ڪيو، هن ڀيري فصل بهتر ٿيا آهن…….- Advertisement -
