آمريڪا جي پنجن وڏن خابرو ادارن پينٽاگون پاران جاري ڪيل نون ضابطن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آمريڪا جي پنجن وڏن خابرو ادارن پينٽاگون پاران جاري ڪيل نون ضابطن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اَي بي سي، سي بي ايس، سي اين اين، اين بي سي ۽ فاڪس نيوز گڏيل بيان جاري ڪيو جيڪو سي اين اين ڪميونيڪيشن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪيو ويو. خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته نيون گهرجون صحافين جي ملڪ ۽ دنيا کي اهم قومي سلامتي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏينديون. نيوز ادارن نئين پاليسي کي بنيادي صحافتي تحفظ لاءِ خطرو قرار ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته، اڄ هو ٻين ادارن سان شامل ٿي پينٽاگون جي نئين ضابطن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا، جيڪي صحافين جي ملڪ ۽ دنيا کي اهم قومي سلامتي جي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏيندا. نيوز ادارن وڌيڪ چيو ته اُهي آزاد ۽ خودمختيار پريس جي اصولن کي برقرار رکندي آمريڪي فوج کي ڪوريج جاري رکندا ۽ ڪنهن به صورت ۾ آزاد ۽ خودمختيار صحافت جي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
25%
2m/s
0%
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون