- Advertisement -
آمريڪا دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قدمن ۽ قربانين جو اعتراف ڪندي تازن حملن ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته افغان طالبان پنهنجون سرحدون دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين، علائقائي سلامتي کي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو پاڪستان سان گڏ آهن.
ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته پاڪستاني عوام کي دهشتگردي سبب گهڻو نقصان پهتو آهي، ان ناسور جو خاتمو پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل مفاد آهي.
آمريڪي پرڏيهي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته واشنگٽن ڪيترن ئي معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، آمريڪا پاڪستان جي معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ به ڪوششن ۾ آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان بنگلاديش ۾ تشدد وارن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيوته ڇهن ماڻهن جي مارجڻ جون خبرون ڏٺيون آهن، واقعن تي گهري نظر آهي، ڍاڪا ۾ موجود سفارتخانو صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، هو بنگلاديش ۾ پرامن احتجاج زور تي ڏين ٿا.- Advertisement -
