تازه ترين

آمريڪا پاران ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي اسرائيلي حملن جي حمايت کان انڪار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آمريڪي صدر جوبائيڊن ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته هو ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن جي حمايت نٿا ڪن.

واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته ايران کي وڌيڪ پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، جي سيون اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته جي سيون اجلاس ۾ وچ اوڀر جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، هو جلد اسرائيلي وزيراعظم سان به ڳالهائيندو.

ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي کاتي پنهنجي شهرين کي تڪڙ ۾ لبنان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر جو چوڻ آهي ته امريڪي شهرين جي بيروت مان واپسيءَ لاءِ خصوصي اڏامن جو انتظام ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته آمريڪي شهرين کي ڪجهه ڏينهن ۾ بيروت مان آڻڻ لاءِ وڌيڪ اڏامن جو بندوبست ڪيو ويندو.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته امريڪا وچ اوڀر جي صورتحال گهري نظر رکيون ويٺو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
33 %
1.3kmh
54 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون