امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پاڪستان جي قانونن ۽ آئين جي احترام کي يقيني بڻائڻ سڀ کان اهم آهي، امريڪا پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اظهار جي آزادي ۽ پرامن اجتماع جي حمايت ڪري ٿو.
امريڪي پرڏيهي کاتي واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران مظاهرين کان مطالبو ڪيو ته هو پرامن احتجاج ڪن، تشدد کان پاسو ڪيو وڃي.
ميٿو ملر چيو ته پاڪستاني اختيارين کان انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي احترام جو مطالبو ڪن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان جي قانون ۽ آئين جو احترام يقيني بڻائڻ ضروري آهي،پاڪستاني قانون امن امان قائم رکڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا.
ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته لبنان ۽ اسرائيل جنگ بندي جي معاهدي جي ويجهو آهن، گذريل هفتي جنگبندي جي معاهدي تي وڏي اڳڀرائي ٿي، پر اڃا تائين معاهدي کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي.
آمريڪا پاران پاڪستان سميت دنيا ۾ اظهار جي آزادي ۽ پرامن اجتماع جي حمايت
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13
°
C
13
°
13
°
22%
0.4m/s
0%
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°
اڱارو
17
°
اربع
17
°


