- Advertisement -
آمريڪي سياستدان يا سرڪاري آفيسرن جي قتل جي امڪاني سازش جي الزام هيٺ امريڪا ۾ گرفتار پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
امريڪي ميڊيا موجب، آصف مرچنٽ ڪجهه وقت اڳ ايران ۾ رهيو، هو پاڪستان کان ايران آيو هو ته جيئن ڪرائي جي قاتلن جو خدمتون حاصل ڪري پر جنهن شخص سان ان رابطو ڪيو اهو ايف بي آءِ جو مخبر هو.
46ورهين جي آصف مرچنٽ تي ڪرائي جي قاتلن ذريعي قتل جي سازش جو الزام لڳايو ويو آهي.
امريڪي انصاف واري کاتي موجب، آصف مرچنٽ ٻڌايو ته هو پاڪستاني شهري آهي ۽ پاڪستان ۾ رهندو آهي، سندس تعلق ڪراچي سان آهي.
امريڪي انصاف واري کاتي موجب، مرچنٽ ٻڌيايو ته پاڪستان ۾ سندس زال ۽ ٻار آهن جڏ هن ته ايران ۾ به سندس زال ۽ ٻار رهن ٿا.
امريڪي انصاف واري کاتي موجب، مرچنٽ ڪيترائي ڀيرائي ايران، شام ۽ عراق جا دورا ڪري چڪو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، مبينا سازش جو نشانو موجوده ۽ اڳوڻو آمريڪي حڪومتي اهلڪار هئا، آصف مرچنٽ جا ڪرايل قاتل اصل ۾ ايف بي آءِ اهلڪارن سان رابطي ۾ هئا.
ٻئي پاسي وائٽ هائوس جـِي ترجمان جين پيري جو چوڻ آحي ته آصف مرچنٽ ٽرمپ قاتلاڻي حملي سان ڪوبه تعلق ناهي.- Advertisement -
